SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


امائينز مُعاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


امائينز مُعاهدو

Treaty of Amiens

ٽريٽي آف امائينر

1802ع ۾ ’نئپولين بوناپارٽ‘ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سندس حڪومت ۽ عيسائي ڪليسا وچ ۾ اڻبڻت پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عيسائي پادرين جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون. آخرڪار نئپولين عيسائي مذهبي پيشوا پوپ سان ڳالهه ٻولهه ڪري، ڪليسا سان ناتا نوان ڪيا ۽ اهو معاهدو فرانس ۾ ڪليسا ۽ حڪومت ۾ باهمي احترام وارن تعلقات جو بنياد بڻيو. ان تسلسل ۾ امائينز شهر ۾ ٿيل برطانيا، فرانس، اسپين ۽ هالئنڊ جي وچ ۾ هيءُ معاهدو 25 مارچ 1802ع تي عمل ۾ آيو، جنهن سان نئپوليني لڙائين مان هڪ لڙائي ”وار آف سيڪنڊ ڪوئليشن“ پُڄاڻيءَ کي پهتي ۽ فرانس ۽ برطانيا وچ ۾ 14 مهينن جي عارضي جنگ بندي ٿي. هن ٺاهه تحت برطانيا لنڪا ۽ ٽرينيڊاد کانسواءِ سڀ علائقا فرانس کي واپس ڪرڻ جو انجام ڪيو ۽ مالٽا ٻيٽ به خالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو. جڏهن ته نئپولين نيپليز ۽ ويٽيڪن رياستون خالي ڪرڻ جو انجام ڪيو. پر سُتت ئي ٻئي ملڪ قبضي هيٺ آيل علائقن تي وري آئُٽيا. نتيجي ۾ 16 مئي 1803ع تي ٻيهر سندن وچ ۾ لڙائي شروع ٿي


Remember Me Also:

ابعاد ثلاثه

ذ. ٽي ويڇا يافاصلا ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي يا ٿولهه.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal